Surah Al-Falaq Translate in Sindhi

(اي پيغمبر!) چئو تہ، صبح جي رب جي پناھ گھران ٿو
جيڪي پيدا ڪيو اٿس، تنھن جي بڇڙائيءَ کان
۽ اونداھي ڪندڙ (رات) جي بڇڙائيءَ کان جڏھن اُھا پکڙجي
۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙين (عورتن) جي بڇڙائيءَ کان
۽ مَسَھُوءَ جي بڇڙائيءَ کان جڏھن (اُھو) مَسَھائي ڪري