Surah Al-Mursalat Translate in Sindhi

وڻندڙن لڳندڙن ھيرُن جو قسم آھي
پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي
۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي
پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي
پوءِ وحي آڻيندڙ ملائڪن جو قسم آھي
(جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي آڻيندا آھن)
تہ بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو، سا ضرور ٿيڻي آھي
پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا
۽ جڏھن آسمان چيربو
۽ جڏھن جبل اُڏائبا
Load More