Surah Al-Qasas Translate in Sindhi

طٰسٓمّٓ
ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن
(اي پيغمبر!) موسىٰ ۽ فرعون جو ڪُجھ احوال مؤمن ماڻھن (جي ٻڌائڻ) لاءِ تو کي سچيءَ طرح پڙھي ٻڌايون ٿا
بيشڪ فرعون مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ھئي ۽ ان جي رھڻ وارن کي ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڏيو ھيائين، منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي ھيڻو ڪيو ھيائين جو سندن پُٽ ڪُھندو ھو ۽ سندن ڌيئرون جيئريون ڇڏيندو ھو، بيشڪ اُھو فسادين مان ھو
۽ گھُريوسون تہ جن کي مُلڪ ۾ ھيڻو ڪيو ويو ھو، تن تي اِحسان ڪريون ۽ کين اڳواڻ بڻايون ۽ کين وارث ڪريون
۽ کين مُلڪ ۾ دٻدٻو ڏيون ۽ فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪرن کي اُنھن (ھيڻن) کان اُھا (ڳالھ) ڏيکاريون جنھن کان ڊڄندا ھئا
۽ موسىٰ جي ماءُ ڏانھن اِلھام ڪيوسون تہ اُن کي کير پيار، پوءِ جڏھن مٿس خطرو ڀانئين تڏھن کيس درياءَ ۾ اُڇلج ۽ نڪي ڊڄج ۽ نڪي غمگين ٿِج، ڇو تہ اسين کيس توڏانھن ورائڻ وارا آھيون ۽ کيس پيغمبرن مان ڪرڻ وارا آھيون
پوءِ فرعون جي گھراڻي وارن اُن کي کڻي ورتو تہ (نيٺ) اُنھن لاءِ ويري ۽ ڏک جو سبب ٿئي، يقيناً فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ ھئا
۽ فرعون جي زال چيو تہ، ھيءُ ڇوڪر منھنجي لاءِ ۽ تنھنجي لاءِ اکين جو ٺار آھي، اُن کي نہ ڪُھو، منَ اسان کي فائدو ڏئي يا کيس پُٽ ڪريون ۽ اُھي (اُن جي حال جي حقيقت) نہ ڄاڻندا ھئا
۽ موسىٰ جي ماءُ جي دِل بي قرار ٿي، اھا ان راز کي ظاھي ڪرڻ تي ھئي، جيڪڏھن سندس دل کي اسين مضبوط نہ ڪريون ھا، (ھن لاءِ) تہ يقين ڪندڙن مان ٿئي
Load More