Surah An-Nas Translate in Sindhi

(اي پيغمبر!) چئو تہ، ماڻھن جي پالڻھار جي پناھ گھران ٿو
ماڻھن جي بادشاھ جي
ماڻھن جي (سچي) معبود جي
پٺتي ھٽي ويندڙ (شيطان) جي وَسوَسن جي بڇڙائيءَ کان
جيڪي ماڻھن جي سينن ۾ وَسوَسو وجھي ٿو
جو جنن (جي جنس) مان ھجي يا ماڻھن (جي جنس) مان