Surah At-Tawba Translate in Sindhi

جن مشرڪن سان اوھان معاھدو ڪيو تن ڏانھن الله ۽ سندس پيغمبر جي پار کان (معاھدي کان) دستبرداري (جو اعلان) آھي
(اي مشرڪؤ! مسلمانن جي) ملڪ ۾ چار مھينا گھمو ڦرو ۽ ڄاڻو تہ اوھين الله کي ٿڪائڻ وارا نہ آھيو ۽ (ڄاڻو) تہ الله ڪافرن کي خوار ڪرڻ وارو آھي
۽ وڏي حج جي ڏينھن الله ۽ سندس پيغمبر جي طرفان ماڻھن ڏانھن اعلان آھي تہ الله ۽ سندس پيغمبر مشرڪن کان بيزار آھي، پوءِ (اي مشرڪؤ!) جيڪڏھن (شرڪ کان) توبھ ڪندؤ تہ اُھا اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين مُنھن ڦيرائيندؤ تہ ڄاڻو تہ اوھين الله کي ٿڪائڻ وارا نہ آھيو، ۽ (اي پيغمبر!) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي
پر مشرڪن مان جن سان معاھدو ڪيو ھيوَ وري (اُنھن) اوھان سان (معاھدي ۾) ڪو قصور نہ ڪيو ۽ نڪي اوھان تي ٻئي ڪنھن کي مدد ڏنائون تن جو (معاھدو) سندن مدت تائين ساڻن پورو ڪريو، بيشڪ الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي
پوءِ (جن مھينن ۾ لڙائي) حرام (ڪئي ويئي آھي سي) مھينا جڏھن پورا ٿين تڏھن مشرڪن کي جتي لھو تتي اُنھن کي قتل ڪريو ۽ اُنھن کي پڪڙيو ۽ اُنھن جو گھراءُ ڪريو ۽ سڀني گھٽن تي اُنھن لاءِ (گھاڙ ۾) ويھو، پوءِ جيڪڏھن توبھ ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين تہ سندن واٽ ڇڏيو، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
۽ جيڪڏھن مشرڪن مان ڪو ھڪڙو تو کان اَمان گھري تہ کيس اَمان ڏي جيستائين (ھو) ڪلام الله ٻڌي پوءِ کيس سندس اَمن جي ھنڌ پھچاءِ، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھا قوم اھڙي آھي جو نہ ڄاڻندي آھي
الله وٽ ۽ سندس پيغمبر وٽ مشرڪن لاءِ انجام ڪيئن ٿيندو؟ سواءِ اُنھن جي جن سان مسجد الحرام وٽ معاھدو ڪيو ھيوَ، پوءِ اُھي جيستائين اوھان جي معاھدي تي قائم رھن
تيستائين اوھين اُنھن لاءِ (سندن معاھدي تي) قائم رھو، ڇو تہ الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي
ڪيئن (سندن معاھدو قائم رھندو؟) ھوڏانھن جيڪڏھن اوھان تي غالب ٿين تہ اوھان بابت نہ ڪي مائٽي جو ۽ نہ ڪي معاھدي جو خيال رکن، اوھان کي پنھنجين (مِٺين) زبانن سان راضي ڪندا آھن ۽ سندن دليون انڪاري آھن، ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن
الله جي آيتن کي ٿوري ملھ تي وڪيائون پوءِ (ماڻھن کي) سندس واٽ کان جھليائون، اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي
Load More