Surah Ta-Ha Translate in Sindhi

طٰهٰ
تو تي قرآن ھن لاءِ نہ لاٿوسون تہ تون اوکو ٿئين
پر جيڪو ڊڄي تنھن جي نصيحت ڏيڻ لاءِ (لاٿوسون)
اُنھي (جي طرف) کان لھڻ وارو آھي جنھن زمين ۽ بلند آسمانن کي بڻايو آھي
(اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي ۽ جيڪي ٻنھين جي وچ ۾ آھي ۽ جيڪي زمين جي تري ھيٺان آھي سو اُن جو آھي
۽ جيڪڏھن (تون ڀل) ڏاڍيان ڳالھائين تہ بيشڪ اُھو لڪ (۾) ۽ صفا آھستي (چيل ڳالھ سڀ) ڄاڻندو آھي
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو بہ معبود نہ آھي، اُن جا نالا تمام سھڻا آھن
۽ (اي پيغمبر!) تو کي مُوسىٰ جي ڳالھ نہ پُھتي آھي ڇا؟
جڏھن باھ ڏٺائين تڏھن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيائين تہ ترسو جو مون باھ ڏٺي آھي اُميد تہ منجھانئس ڪو اَڱر اوھان وٽ کڻي اچان يا باھ تي ڪو (دڳ جي) ڏَس ڏيڻ وارو لھان
Load More