Surah Al-Humaza Translate in Sindhi

(اُنھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي
جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين
ڀانئيندو آھي تہ سندس مال سدائين رھائيندو
ھرگز ايئن نہ آھي، ضرور حُطمہ ۾ اُڇلائبس
۽ ڪنھن سمجھايئي تہ حُطَمہ ڇا آھي؟
الله جي ٻاريل باھ آھي
جا دلين تي چڙھندي
بيشڪ اُھا مٿن دربند ڪيل آھي
(جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا)