Surah An-Nur Translate in Sindhi

(ھيءَ ھڪ) سُورة آھي جا نازل ڪئي سون ۽ اُن (جي حڪمن) کي فرض ڪيوسون ۽ منجھس پڌريون آيتون نازل ڪيوسون تہ منَ نصيحت وٺو
۽ زنا ڪندڙ عورت ۽ زنا ڪندڙ مرد ٻنھي منجھان ھر ھڪ کي سئو دُرا ھڻو، ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو تہ الله جي دين ۾ اوھان کي انھي ٻنھي تي نرمي ڪرڻ نہ جڳائي، ۽ مؤمنن مان ھڪ ٽوليءَ کي انھن ٻنھي جي سزا تي حاضر ٿيڻ گھرجي
زنا ڪندڙ مرد، زنا ڪندڙ عورت يا مشرڪياڻيءَ کانسواءِ ٻي نہ پرڻبو، ۽ زنا ڪندڙ عورت، کيس زنا ڪندڙ مرد يا مشرڪ کانسواءِ ٻيو نہ پرڻبو، ۽ اِھو (زنا ڪندڙ زئفان سان نڪاح ڪرڻ) مؤمنن تي حرام ڪيو ويو
۽ جيڪي پاڪدامن عورتن کي تھمت لائين وري چار شاھد نہ آڻين تہ کين اسي دُرا ھڻو ۽ انھن جي گواھي اصلي قبول نہ ڪريو، ۽ اُھي ئي بي دين آھن
پر ھن کان پوءِ جن توبھ ڪئي ۽ پاڻ سُڌاريو، تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
۽ جيڪي پنھنجي زالن کي تُھمت لائين ۽ کين پاڻ کانسواءِ ڪي شاھد نہ ھجن تہ اھڙي ھر ھڪ جي (سچي) شاھدي چار ڀيرا (ھيئڻ ڏيڻ) آھي تہ الله جو قسم تہ بيشڪ پاڻ سچ چوندڙن مان آھي
۽ پنجون ڀيرو چوي تہ جيڪڏھن ڪوڙن مان ھوندو تہ مٿس الله جي لعنت ھجي
۽ اُن زال کان (ھيءَ ڳالھ) سزا ٽاريندي جو چار ڀيرا شاھدي ڏئي تہ الله جو قسم تہ بيشڪ اُھو مُڙس ڪُوڙ چوندڙن مان آھي
۽ پنجون ڀيرو (ھيءَ شاھدي ڏئي) تہ جيڪڏھن اُھو مڙس سچن مان آھي تہ اُن (يعني زال) تي الله جو ڏمر ھُجي
۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نہ ھجي ھا (تہ عذاب ٿئيوَ ھا) ۽ بيشڪ الله توبھ قبول ڪندڙ حِڪمت وارو آھي
Load More