Surah Az-Zalzala Translate in Sindhi

جڏھن زمين کي سندس (چڱي) ڌوڏڻ سان ڌوڏبو
۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي
۽ ماڻھو (عجب کان) چوندو تہ زمين کي ڇا ٿيو آھي
اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون (سڀ) خبرون بيان ڪندي
ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو آھي
اُن ڏينھن ماڻھو (حساب جي جاءِ کان) ڌار ڌار ٽوليون ٿي ورندا تہ سندن ڪم کين ڏيکارجن
پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو، سو اُن کي ڏسندو
۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو، سو اُن کي ڏسندو